ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ: بلوچستان حڪومت اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو

ڪوئٽه: بلوچستان حڪومت ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

بلوچستان حڪومت ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب صوبي ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي.  بلوچستان حڪومت جي گهرو وزارت اسمارٽ لاڪ ڊائون جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن وارن علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويندو.

جڏهن ته سرڪاري ۽ خانگي آفيس، ٽرانسپورٽ ۽ شاپنگ مالز سميت سمورن هنڌن تي ماسڪ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه ماسڪ استعمال نه ڪندڙن جي خلاف قلم 144 جي تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

نوٽيفڪيشن موجب صوبي جا سمورا هنڌ شام جو 6 وڳي بند ڪيا ويندا. شاپنگ مالز، مارڪيٽ، شادي هال ۽ هوٽلون به رات جو 10 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته تعليمي ادارن جي بندش جو فيصلو 23 نومبر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔