ڪورونا تي حڪومت جي پنهنجي پاليسين ۾ تضادآهي:چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: غير معمولي حالتون آهن، خبر ناهي ته ايندڙ ٻن ٽن مهينن ۾ انسانيت سان ڇا ٿيندو، حڪومت تي اعتماد ڪرڻو پوندو، قومي اداري جي فيصلي تي عدالت سوال نٿي اٿاري سگهي، شادي هالز تي پابندي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪورونا تي حڪومت جي پنهنجي پاليسين ۾ تضاد آهي، اها ته رياست جي ذميواري آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪرائي، پر ڪورونا متعقل حڪومت جي پنهنجي پاليسين ۾ تضاد آهي، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪورونا جي جيڪا صورتحال آهي اسان کي ته پاڻ سموريون شيون بند ڪرڻ گهرجن، ڪورونا جي هيءَ لهر تمام گهڻي سنجيده آهي، ان جي ڪري اسان کي سخت احتياط جي ضرورت آهي، برطانيا ۾ پوليس کي اختيار آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي خلاف ورزي تي ڏنڊ به هڻي سگهي ٿي، ڪورونا جي ڪري پارلياماني اڳواڻ به فوت ٿي رهيا آهن، عدالت شادي هالز ۾ تقريبن تي پابندي خلاف درخواست به اڪلائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔