وزيراعظم عمران خان اڄ فيصل آباد جي دوري لاءِ روانو ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ فيصل آباد جو دورو ڪندو. ذريعن موجب پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار ۽ چيف سيڪريٽري وزيراعظم جو استقبال ڪندا.

وزيراعظم فيصل آباد ۾ بزنس ڪميونٽي، ٽيڪسٽائيل مينو فيڪچرز ۽ ايڪسپورٽر سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم بزنس ڪميونٽي طرفان منعقد تقريب ۾ به شرڪت ڪندو ۽ بزنس ڪميونٽي کي مراعتون ڏيڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪندا.

وزيراعظم صنعتي يونٽس کي سستي بجلي ۽ ٻيون مراعتن تي عمل ڪرڻ بابت به ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم عمران خان طرفان ٽيڪسٽائيل انڊسٽري سميت مينو فيڪچرز، ايڪسپورٽرز جي لاءِ اهم اعلان جو امڪان آهي جڏهن ته وزيراعظم فيصل آباد ۾ لنگر خاني جو به افتتاح ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔