ٽرمپ گذريل هفتي ايران تي حملو ڪرڻ پئي چاهيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي ايران تي حملو ڪرڻ لاءِ آپشن طلب ڪيا هئا، پر ان کي روڪيو ويو، آمريڪي اخبار موجب پرڏيهي وزير ۽ نائب صدر ممڪن خطرن کان آگاهه ڪيو ويو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ويندي ويندي جنگ شروع ڪرڻ پئي چاهي، آمريڪي اخبار نيويارڪ تائمز دعويٰ ڪئي آهي ته صدرن ٽرمپ ايران جي وڌندڙ جوهري پروگرام کي روڪڻ لاءِ حملو ڪرڻ پئي چاهيو.
صدر ٽرمپ گذريل هفتي ايران تي حملي لاءِ آپشن طلب ڪيا هئا، پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ نائب صدر مائيڪ پنس حملي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ممڪن خطرن کان آگاهه ڪيو جنهن کانپوءِ حملي جي منصوبي کي ترڪ ڪري ڇڏيو.
آمريڪي اخبار موجب مشيرن کيس سمجهايو ته صدارت جي آخري هفتي ۾ هي حملو وسيع تڪرار ۾ تبديل ٿي ويندو، نيويارڪ ٽائمز چار موجوده ۽ اڳوڻن آمريڪي عهديدارن جي حوالي سان ٻڌايو ته هيءَ ملاقات گذريل خميس جي ڏينهن اوول آفيس ۾ ٿي.
آمريڪي عهديدارن ٽرمپ کي ايران تي حملو نه ڪرڻ تي راضي ڪيو، اهم اجلاس ۾ نائب صدر، پرڏيهي وزير، دفاع جو قائم مقام وزير، جوائنٽ چيف آف اسٽاف جو چيئرمين ۽ سينيئر مشير شامل هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔