ڪورونا جي ٻي لهر: تعليمي ادارن بابت فيصلو اڄ ڪيو ويندو

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر جاري آهي ۽ ڪيسن ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ٿي رهي آهي تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل جاري رکڻ يا موڪلن بابت اڄ اهم فيصلو ڪيو ويندو.

وفاقي وزير تعليم شفقت محمود جي صدارت ۾ خصوصي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ ڪورونا جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو. چئني صوبن جا تعليمي وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. ڪورونا جي حوالي سان اسڪولن جي بندش ۽ سياري جي موڪلن بابت فيصلو ڪيو ويندو.

پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس ان حوالي سان چيو آهي ته هو اسڪولن کي بند ڪرڻ جا حامي ناهيون پر فيصلو ڇا ٿو ٿئي ان جي خبر اڄ پئجي ويندي.  پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس چيو آهي ته جن تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن انهن کي سيل ڪري رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن ماضي جهڙي صورتحال رهي ته اسڪول بند ڪرڻا پوندا.

حڪومت ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيندڙ تعليمي ادارن کي سيل ڪري رهي آهي. پنجاب ۾ ٻن مهينن جي دوران 472 ادارا سيل ڪيا ويا آهن. 2 لک 65 هزار 370 سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولز ۾ ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. اسلام اباد ۾ سيل ڪيل تعليمي ادارن جو انگ 120 ٿي چڪو آهي. آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪولز فيڊريشن ڪورونا وائرس جي پکيڙ سبب اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي.

فيڊريشن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته صرف اسڪولز ۾ا يس او پيز تي عمل ڪيو پيو وڃي. ڪورونا  سبب اڳ ئي ڪروڙين شاگردن جي تعليم جو تدارڪ   نه ٿيڻ جوڳو نقصان ٿي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔