نوشهره ويندڙ مسافر وين حادثي جو شڪار، اٺ ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ نوشهره جي علائقي ۾ مسافر وين حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 8 مسافر حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 7 زخمي ٿي پيا.

زيارت ڪاڪا صاحب کان نوشهره ڪينٽ ايندڙ بس اونڌي ٿيڻ سبب 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن ۾ عورتون ۽ اسڪول جا شاگرد به شامل آهن.

ريسڪيو زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي ڪينٽ جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا.

فوت ٿي ويلن ۾ 2 عورتون ۽ 6 مرد شامل آهن. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي فوري طور تي طبي امداد جي فراهمي لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي.

هن فوت ٿي ويلن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي. هن قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته متاثر خاندانن جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔