گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي واضح سرسي حاصل

اسلام آباد : گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي واضح سرسي حاصل آهي ، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ 9 سيٽون کٽي ورتيون، پيپلزپارٽي جا 4، ن ليگ جا 2 ۽ ايم ڊبليو ايم جو هڪ اميدوار ڪامياب، 7 سيٽون ٻهاريندڙ آزاد اميدوارن اهميت حاصل ڪري ورتي، جِي بي اَي 7 اسڪردُو وَن تي پي ٽي آءِ اميدوار راجا ذڪريا خان هٿان پ پ جَي اڳوڻي وڏَي وزير سيد مهدي شاهه کي شڪست، جِي بي اَي 24 گانڇَي تي پ پ اميدوار محمد اسماعيل پي ٽي آءِ جَي سيد شمس الدين کي هارائي ڇڏيو، جِي بي اَي 5 نگر ٽُو تي آزاد اميدوار جاويد علي منوا ڪامياب ٿي ويو، جِي بي اَي فور تي پيپلزپارٽي جو امجد حسين کٽي ويو، جِي بي اَي 22 گانڇَي وَن تي آزاد اميدوار مشتاق حسين ڪامياب، جِي بي اَي 8 اسڪردُو ٽُو تي متحده وحدتُ المسلمين جو محمد ڪاظم کٽي ويو، ڪامياب اميدوارن جي حامين جو جشن جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔