وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آبا: وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 71 پيسا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ نئين قيمت سئو رپيا 69 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 79 پيسا في ليٽر لاٿ کانپوءِ نئين قيمت 101 رپيا 43 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت 65 رپيا 29 پيسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت 62 رپيا 86 پيسا في ليٽر برقرار رهندي. پيٽروليم شين جون نيون قيمتون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويون آهن، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اوگرا پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا في ليٽر لاٿ جي سفارش ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔