لبيا ۾ پناهگيرن جي ٻيڙيءَ سان حادثو، 74 ڄڻا فوت

تريپولي : لبيا جي سمنڊ ڪناري پناهگيرن جي هڪ ٻيڙيءَ سان حادثي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 74 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پناهگيرن ۽ هجرت جي معاملن بابت عالمي تنظيم موجب لبيا جي سامونڊي محافظن ۽ مهاڻن 47 ڄڻن کي بچائي ورتو.
ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار ٻيڙيءَ ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار ب پڻ شامل هئا.
واضح رهي ته اتر آفريقي سمنڊن تي اهڙا حادثا پيش ايندا رهندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔