پي ايس ايل جا رهيل مقابلا اڄ کان ٻيهر شروع ٿيندا

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ جي پلي آف ميچن جون تياريون زور شور سان جاري آهن ۽ ايونٽ جي چئن بهترين ٽيمن وچ ۾ ٽائيٽل جي جنگ کان اڳ شوقينن جو جوش ۽ جذبو عروج تي پهچي چڪو آهي.
ڪورونا وائرس سبب 17 مارچ تي ملتوي ڪيل پاڪستان سپر ليگ فائيو جون رهيل ميچون 14 نومبر کان ٻيهر شروع ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ پرڏيهي رانديگر پڻ ڪراچي پهچي ويا آهن، انهن ميچن ۾ ڪُل 21 پرڏيهي ڪرڪيٽر حصو وٺندا.
14 نومبر تي ڪواليفائر ميچ ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز وچ ۾ کيڏي ويندي ۽ ان ئي ڏينهن ايليمينيٽر ۾ لاهور قلندرز جو پشاور زلمي سان مقابلو ٿيندو.
15 نومبر تي ٻئي ايليمينيٽر ۾ ڪواليفائر هارائيندڙ ٽيم جو پهرين ايليمينيٽر ۾ فاتح ٽيم سان مقابلو ٿيندو، جڏهن ته ليگ جو فائنل 17 نومبر تي ٿيندو.
پاڪستان سپر ليگ 5 ۾ پوائنٽس ٽيبل تي ملتان سلطانز جي ٽيم جو پهريون، ڪراچي ڪنگز جو ٻيو، لاهور قلندرز جو ٽيون ۽ پشاور زلمي جو چوٿون نمبر آهي، جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جون ٽيمون ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي چڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔