بلاول ۽ مريم وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران گلگت بلتستان جي چونڊ مهم تي ڳالهيون ٿيون: شيري رحمان

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته گلگت بلتستان جي چونڊ مهم هلائيندڙ وزيرن کي ڪوبه ناهي پڇي رهيو پي ڊي ايم جو ايجنڊا ناهل حڪومت کي گهر موڪلڻ جو آهي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان خانگي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز وچ ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ ملاقات دوران عوامي مسئلن ۽ گلگت بلتستان جي چونڊن تي ڳالهيون ٿيون.

هن چيو ته ملاقات ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي تحريڪ بابت ڳالهيون به غور هيٺ آيون ۽ گلگت بلتستان  جي چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. شيري رحمان چيو ته وفاقي وزير  هڪ ٻئي پٺيان گلگت بلتستان اچي رهيا آهن ۽ اتي عوام سان اعلان ۽ واعدا ڪري رهيا آهن پر ان وفاقي وزيرن کي ڪوبه پڇڻ وارو ناهي.

هن چيو ته گيلپ سروي جي ڪابه اهميت ناهي هوندي. جڏهن ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ فوج جي نگراني جي ضرورت نه هجڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ چيو ته جمهوريت جو حسن مهذب سياست آهي جڏهن ته پي ڊي ايم جو ايجنڊا  نااهل حڪومت کي گهر موڪلڻ جو آهي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔