لاهور جو ايڊيشنل سيشن جج سيد اظفر سلطان ڪورونا وائرس وگهي فوت

لاهور: ايڊيشنل سيشن جج سيد اظفر سلطان ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي ترجمان موجب ايڊيشنل سيشن جج سيد اظفر سلطان ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي.

ڪورونا رپورٽ هاڪاري اچڻ تي ايڊيشنل سيشن جج اظفر سلطان جي عدالت کي بند ڪيو ويو هو. اظفر سلطان جي عدالت ۾ مقرر سموري عملي جا ٽيسٽ ڪرايا ويا جيڪي ناڪاري آيا هئا.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي ترجمان موجب عدالت سڳوري طرفان ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر کي نظر ۾ رکندي ايس او پيز جاري ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي ٻئي لهر ۾ شدت اچي رهي آهي ۽ هڪ دفعو ٻيهر ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 22 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔