ماضي جهڙي صورتحال رهي ته اسڪول بند ڪرڻا پوندا: مراد راس

اسلام آباد: پنجاب جي تعليم واري وزير مراد راس چيو آهي ته جن تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن انهن کي سيل ڪري رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن ماضي جهڙي صورتحال رهي ته اسڪول بند ڪرڻا پوندا.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ رنڊم  ٽيسٽنگ ٿي رهيون آهن. ٻارن ۽ استادن جون زندگيون وڌيڪ ضروري آهن. پنجاب جي تعليم واري وزير چيو ته مارڪيٽن ۽ هوٽلن ۾ ايس او پيز جي وڌيڪ ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جو وڏو سبب سماجي تقريبون آهن. هن چيو ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته پنجاب جا وزير تعليمي ادارا بند ڪرڻ نٿا چاهين. مراد راس چيو ته موجوده صورتحال ۾ اسڪول بند نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته اسان آن لائن ايجوڪيشن مان مطمئن ناهيون.

آن لائن ايجوڪيشن ۾ شاگرد استادن تي ڌيان نٿا ڏين. ياد رهي ته پاڪستان ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسن کي نظر ۾ رکندي تعليم وارن صوبائي وزيرن جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جيڪو 16 نومبر تي ٿيندو. تعليمي ادارن ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون تڪڙيون ۽ وڌيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔