ڪورونا وائرس: هڪ ئي ڏينهن دوران وڌيڪ 34 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ وڌي 22 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 34 ڄڻا ڪورونا سبب حياتيون وڃائي ويٺا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا هڪ هزار 808 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 49 هزار 992 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 22 هزار 088 ٿي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين ڪورونا وائرس  ۾ مبتلا 3 لک 20 هزار 849 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 34 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ گڏيل فوتين جو انگ 7 هزار 055 ٿي ويو آهي.

سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 52 هزار 072، پنجاب ۾ هڪ لک 8 هزار 221، خيبرپختونخواهه 41 هزار 258، اسلام اباد ۾ 22 هزار 765، بلوچستان ۾ 16 هزار 226، آزاد ڪشمير 5 هزار 041 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 409 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔