حڪومت شادي جي تقريبن تي پابندي لڳائي پاڻ وڏا جلسا ڪري رهي آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته حڪومت ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي شادي جي تقريبن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي پر پاڻ وڏا جلسا ڪري رهي آهي.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ملڪ ۾ ڪورونا سبب شادي هالن جي تقريبن تي پابندي جي حڪم جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. دخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اين سي او سي 6 نومبر تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته 20 نومبر کان شادي هالن جي تقريبن جي اجازت نه هوندي.

وزيراعظم چوي ٿو ته اسان معيشت جي ڦيٿن کي نه روڪينداسين پر مارگيز جي خلاف ڇو ائين ٿي رهيو آهي. پاليسي ٺاهيو پر 10 هزار ماڻهن کي بيروزگار ته نه ڪريو. جيڪڏهن ڪو ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ته ان کي بيشڪ بند ڪري ڇڏيو. جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي ته ان ۾ اسان جي راءِ کي به شامل ڪرڻ گهرجي.

درخواست ڏيندڙ جي وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارگيز تي ته پابندي آهي پر حڪومت پاڻ وڏا وڏا جلسا ڪري رهي آهي. گلگت سميت مختلف جڳهين تي حڪومت ۽ اپوزيشن جا جلسا جاري آهن. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪنهن شادي ۾ ڪورونا پکڙجي رهيو آهي ته عدالت ان جي ذميواري نٿي کڻي سگهي. حڪومت کان اهو ضرور پڇي ٿا سگهون ته مارگيز سان اهڙو سلوڪ ڇو پيو رکيو وڃي. حڪومت

هوڏانهن پابندي لڳائي آهي ته وري پاڻ وڏا جلسا ڪري رهي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول اٿارٽي کي نوٽيس جاري ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي ذاتي حيثيت ۾ 18 نومبر تي عدالت طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته وصاحت ڪئي وڃي ته حڪومت جو ٻٽو معيار ڇو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔