آمريڪا ۾ ڪورونا سبب صورتحال انتهائي خراب، هڪ لک پنجٽيهه هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ

واشنگٽن: آمريڪا ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ هڪ لک 35 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.آمريڪي ميڊيا موجب ٻن هفتن جي دوران صرف ڪيليفورنيا رياست ۾ ڪورونا جي مريضن جي انگ ۾ 32 سيڪڙو واڌ نظر اچي رهي آهي. آمريڪا ۾ ڪورونا سبب متاثر مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ 56 لک 8714 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 لک 45 هزار 943 ماڻهو هينئر تائين حياتيون وڃائي ويٺا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔