نيپرا بجلي جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) هڪ مهيني جي لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي 48 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي ۽ اها واڌ آگسٽ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو  ويو آهي ته آگسٽ ۾ بجلي جي في يونٽ پيداوار  تي فيول لاڳت 3 روپيه 66 پئسا رهي جڏهن ته آگسٽ ۾ بجلي جي پيشگي فيول لاڳت 3 روپيه 20 پئسا في يونٽ مقرر هئي.

نيپرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صارفين کان اضافي وصول نومبر جي بل جي مد ۾ ورتي ويندي پر فيصلي  جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي نه هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔