پ پ جو سينئر اڳواڻ قمرزمان ڪائره ڪورونا وائرس جو شڪار

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ گلگت جي چونڊ مهم ۾ سرگرم عمل قمرزمان ڪائره به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.

رپورٽ موجب ملڪ ۾ جاري ڪورونا جي ٻئي لهر هڪ دفعو ٻيهر عوام سميت سياستدانن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ هن ڀيري پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ پنجاب ۾ پ پ جو صدر قمرالزمان ڪائره به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.

قمرزمان ڪائره گلگت بلتستان چونڊ مهم ۾ مصروف  هو ۽ هو سٺي طريقي سان چونڊ مهم هلائي رهيو هو پر ڪجهه ڏينهن کان هو گلي ۾ خارش ۽ نزلو زڪام محسوس ڪري رهيو هو. هن احتياطي طور تي ڪورونا جو ٽيسٽ ڪرايو هو جيڪو هاڪاري آيو هو.

خانداني ذريعن جوچوڻ آهي ته قمرالزمان ڪائره جو ٽيسٽ پازيٽو اچڻ تي هو گلگت کان اسلام آباد پهچي ويو آهي ۽ هن اسلام آباد ۾ پاڻ کي 15 ڏينهن جي لاءِ قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔