مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز شريف جي گهر ڀاتين خلاف مشتاق چيني جو اهم بيان سامهون اچي ويو

لاهور: مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف جي گهر ڀاتين خلاف سلطاني شاهد مشتاق چيني جو اهم بيان سامهون اچي ويو آهي.

احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ صدر مسلم ليگ(ن) شهباز شريف جي گهر ڀاتين خلاف سلطاني شاهد بنجندڙ مشتاق چيني جو اهم بيان سامهون اچي ويو آهي. احتساب عدالت جي بيان جون ڪاپيون شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سميت ٻين جي حوالي ڪيون ويون آهن.

مشتاق چيني بيان ۾ چيو آهي ته قاسم قيوم ۽ عبدالقيوم منهنجي اڪائونٽ مان 6 ڪروڙ جي ٽي ٽيز لڳرايون. طريقيڪار اهو هو ته  مان قاسم قيوم کي روڪ 6 ڪروڙ روپيه ڏنا. قاسم قيوم اهي ٽي ٽيز لڳرايون ۽ اهو ظاهر ڪيو ته هي رقم مون کي بابر کان ملي هئي جڏهن ته 2014 ۾ ۾ مون کي سلمان شهباز جو ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. مشتاق چيني چيو ته مون کي چيو ويو ته سلمان شهباز جي 60 ڪروڙ روپين کي بليڪ مان وائٽ مني ۾ منتقل ڪرڻو آهي.

مون بيوسي جو اظهار ڪيو ته چيو ويو ته صرف اوهان جو اڪائونٽ استعمال ٿيندو. پراڻا ڪاروباري لاڳاپا ۽ لالچ ۾ اچي مون کين اجازت ڏني هئي. 2014 ۾ سرڪلر روڊ برانچ مان 21 ڪروڙ 40 لک روپين جي ٽي ٽيز لڳرائي وئي. ساڳئي سال ٻيهر مشتاق اينڊ ڪمپني جي اڪائونٽ مان 29 ڪروڙ 30 لک جون ٽي ٽيز لڳرايون ويون.

مشتاق چيني بيان ۾ وڌيڪ چيو ته هن رقم جي برابر چيڪ مون ڪٽي محمد عثمان جي حوالي ڪيا. وقار ٽريڊنگ ڪمپني مان منهنجي اڪائونٽ ۾ 10 ڪروڙ روپيه منتقل ڪيا ويا. ان رقم جي برابر جو چيڪ مون محمد عثمان جي حوالي ڪيو. جڏهن ته سلمان شهباز ان سموري ٽرانزيڪشن جا فرضي معاهدا تيار ڪرايا. معاهدن موجب 60 ڪروڙ جي رقم سلمان شهباز قرض جي طور تي ورتي.

مشتاق چيني جو چوڻ هو ته مقروضي قرض جي حقيقت کي  رنگ ڏيڻ جي لاءِ سلمان شهباز 10 ڪروڙ منهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرايا هئا. مون سمورو عمل ڪاروبار ۽ ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جي لالچ ۾ ڪيو. مان پنهنجي عمل تي شرمندو آهيان ۽  ان عمل تي مان عدالت کان معافي گهران ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔