شهباز شريف کي جيل ۾ ڊاڪٽر تائين پهچ ڏني وڃي: مريم اورنگزيب

لاهور:مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب مطالبو ڪيو آهي ته جيل ۾ شهباز شريف کي ڊاڪٽر تائين پهچ ڏني وڃي.

مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف کي جيل ۾ چيلهه جي تڪليف وڌيڪ هجڻ جو ذميوار وزيراعظم عمران خان آهي.

هن مطالبو ڪيو ته جيل ۾ شهباز شريف کي فوري طور تي ڊاڪٽر تائين پهچ ڏني وڃي. جيڪو شخص پنهنجي سياسي مخالفن کي صحت تي سياست ڪري اهو ترس جوڳو آهي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته جيڪي سياسي مخالفن جي صحت تي سياست ڪن ان کان وڌيڪ ننڍو شخص ڪو ٻيو نٿو ٿي سگهي.

عمران خان دوائون مهانگيون ڪري به پريشان ناهي پر شهباز شريف جي صحت کي نقصان پهچائي خوش ٿي رهيو آهي. هن چيوته عمران خان ڄاڻي واڻي شهباز شريف جي صحت کي نقصان پهچائي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔