عمران خان کي وزيراعظم نٿا سمجهون، حڪومت جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي: مريم نواز

گوپس : نواز ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جهڙي ماڻهو جو نالو وٺڻ تي ئي تڪليف ٿيندي آهي، کيس اڳ ئي چيو هو ته تون ننڍو ماڻهو آهين، وڏن جي لڙائي جي وچ ۾ اچڻ جي ڪوشش نه ڪر، گلگت ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف جِن مخالفن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اُهو اخلاق کان ڪريل ماڻهو آهن، موجوده حڪومت جي قسمت ۾ ئي نه آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪري، اسان جعلي حڪومت کي ڪنهن به قسم جي درخواست نه ڏئي رهيا آهيون، نواز شريف کي پرڏيهه اماڻڻ بعد سندس جماعت کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، موجوده حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، عمران خان کي وزيراعظم نٿا سمجهون، حڪومت جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔