نواز ليگ کان ڌار ٿيندڙ عبدالقادر بلوچ طرفان پ پ ۾ شموليت جا امڪان

ڪراچي: نواز ليگ کان ڌار ٿيندڙ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل عبدالقادر بلوچ طرفان پ پ ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان، پ پ جي اهم اڳواڻن طرفان عبدالقادر بلوچ سان رابطا، عبدالقادر بلوچ نواز شريف جي بيانيي سان اختلاف ڪندي نواز ليگ بلوچستان جي صدر واري عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، اڄ پريس ڪانفرنس ذريعي نواز ليگ کان ڌار ٿيڻ جو باضابطا طور اعلان ڪندو، عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري جو پيغام ملي ويو، مون کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔