آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ريفرنس: اعجاز جکراڻي ۽ ٻين خلاف فرد جرم لاڳو

سکر (رپورٽر)سکر جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي ۽ ٻين خلاف فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جيلن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي، ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين عباس جکراڻي ۽ لبنيٰ فراز سميت پنجن جوابدارن خلاف 70 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ غيرقانوني اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي سکر جي احتساب عدالت ۾ ٿي، جنهن دوران عدالت جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ريفرنس جي ٻڌڻي 24 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. عدالت ريفرنس ۾ شاهدن کي پڻ نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي بيان ريڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔