عمران خان فوج کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي:احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان فوج جو نالو وٺي جيڪا سياست ڪري رهيو آهي، اُها قومي ادارن جي تشخص کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي، نواز ليگ اڳواڻن جو وزيراعظم جي تقرير تي ردعمل، احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان فوج کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هو فوج جو ترجمان بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري، فوج کي جواب يا بيان ڏيڻو آهي ته اُن وٽ آءِ ايس پي آر جهڙو ترجمان ادارو موجود آهي، سليڪٽيڊ وزيراعظم کان ڪير به اين آر او نٿو گهري ۽ نه ئي هو ڏئي سگهي ٿو، عمران خان جي تقرير ٻڌي واضح ٿئي ٿو ته کيس عوامي تڪليفن جو ڪوبه احساس نه آهي، رڳو ليڪچر ڏئي هليو وڃي ٿو…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔