جهانگير ترين ڏيهه ورڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( م ڊ )پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ جهانگير ترين 7 مهينن کانپوءِ پاڪستان اچڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي،پاڪستان جي هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي جهانگير ترين ٻڌايو ته هو ايندڙ مهيني پاڪستان واپس اچي رهيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين ڏيهه واپس اچڻ لاءِ ٽڪيٽ بُڪ ڪرائي ڇڏي آهي ، جهانگير ترين 7 مهينا پهرين پاڪستان کان لنڊن ويو هو. جهانگير ترين 7 مهينن کان هيمپشائر ڪنٽري هوم ۾ رهائش پذير آهي، جهانگير ترين شگر ڪميشن رپورٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ ٻاهرين ملڪ ترسيل آهي، ذريعن موجب جهانگير ترين برطانيا ۾ ترسڻ دوران ڪا به سياسي ملاقات نه ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔