سپريم ڪورٽ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ پرڏيهي شاگردن کي داخلا وقت طئي ڪيل في جمع ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ پرڏيهي شاگردن جي في بابت ڪيس ۾ شاگردن کي داخلا وقت طئي ڪيل في جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ڄاڻايو ته في جمع نه ڪرائيندڙ شاگردن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. پنجاب جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته شاگردن کي سيلف فنانس تي داخلائون ملنديون هيون،2015 کانپوءِ ميرٽ تي داخلائون ڏيڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي.نئين پاليسي کانپوءِ درخواست گذار شاگردن في کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو .شاگردن صرف حلفي بيان جمع ڪرايا،پر مڪمل في جمع نه ڪرائي آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته شاگردن تعليم مڪمل ڪري ورتي، پر في جمع ڇو نه ڪرائي وئي؟ شاگردن جي وڪيل ڄاڻايو ته فارين اسٽوڊنٽس کي ڊالرز ۾ في جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي،ان وقت ۽ موجودهه ڊالر ايڪسچينج ريٽ ۾ تمام گهڻو فرق آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هر طرف صرف ڊراما ئي ڊراما آهن، پهريان توهان سهولت ڏيو ٿا ۽ بعد ۾ ڪليم ڪريو ٿا. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته طئي ٿيل في جمع ڪرائي وڃي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔