سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي معذورن کي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ شروع

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي معذورن کي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ 25 معذورن کي مختلف کاتن ۾ نوڪرين جا آفر آرڊر ڏنا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ حڪومت معذور ماڻهن کي سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ جو سلسلو شورع ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ڪيل تقريب دوران سنڌ جي چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه اکين جي نور کان محروم 25 ڄڻن کي مختلف کاتن ۾ نوڪرين جا آفر آرڊر ڏنا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔