حڪومت اپوزيشن جي بيانن کي ڀارتي بيانيي سان ڳنڍڻ کانسواءِ ڪوبه ڪم نٿي ڪري:رانا ثناءُالله

لاهور : نواز ليگ ايم اين اي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڇا قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ننڊ پيو هو جو اياز صادق جي جُملن کي حذف نه ڪيو؟ حڪومت اپوزيشن جي بيانن کي ڀارتي ڀانيي سان ڳنڍڻ کانسواءِ ڪوبه ڪم نٿي ڪري، پارليامينٽ ۾ ڪيل ڳالهه کي ڪٿي به چئلينج نٿو ڪري سگهجي، قومي اسيمبلي ۾ اياز صادق ڳالهائي رهيو هو ته لفظ اڳتي پوئتي ٿي پئي سگهيا، اسپيڪر لفظن کي حذف ڪري ها ته اُهي شايع نه ٿين ها، ايوان ۾ موجود حڪومتي ٽيم به اعتراض نه واريو، نااهل ۽ نالائق حڪمرانن جو ٽولو انتقام جي مهم هلائي رهيو آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي ته وزيراعظم آءِ جي جيلز کي گهرائي ڌمڪي ڏني ته شهباز ۽ حمزه شريف کي ڪي به سهولتون نه ڏيو، ٻي صورت ۾ توهان کي نه ڇڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔