پنجاب ۾ ڪورونا جا هڪ سئو اٺانوي نوان ڪيس سامهون اچي ويا

لاهور: :  صحت کاتي پنجاب جي ترجمان چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ ڪورونا وائرس جا 198 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. 

صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته 198 نون ڪيسن سان گڏ صوبي ۾ ڪورونا  ڪيسن جو گڏيل انگ هڪ لک 2 هزار 875 ٿي ويو آهي. پنجاب جي صحت کاتي موجب لاهور ۾ 87، راولپنڊي ۾ 19، وهاڙي ۾ هڪ، ساهيوال ۾ 4 ۽ جهلم ۾ ڪورونا وائرس جا 2 ڪيس رپورٽ ٿيا.  گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب جي شهر بهاولپور ۾ 7 ۽ ملتان ۾ 27 ڪيس رپورٽ ٿيا.

سيالڪوٽ ۾ 3، گجرات ۾ 4، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ 5، ميانوالي ۾ هڪ ۽ جهنگ ۾ ڪورونا وائرس جا 3 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. ڊيره غازي خان ۾ 5، اٽڪ ۾ هڪ، مظفرڳڙهه ۾ 2 ۽ فيصل آباد ۾ 14 ڪيس رپورٽ ٿيا.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سرگودها ۾ 3، بهاولنگر ۾ 2 ۽ خوشاب، ليه، شيخوپوره، منڊي بهاءُالدين، گوجرانوالا ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو.  پنجاب  جي صحت کاتي جي ترجمان موجب نارووال، رحيم يار خان ۽ راجن پور ۾ ڪورونا جو هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔