ملڪ جي هڪ سئو اٺاويهه ضلعن ۾ پوليو مهم جي شروعات

اسلام آباد: پاڪستان جي 128 ضلعن ۾ اڄ کان پوليو مهم جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ 30 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا.پوليو کان بچاءُ واري پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر ٻڌايو آهي ته 5 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. 2 لک 10 هزار فرنٽ لائن ورڪرز مهم ۾ حصو وٺي رهيا آهن.پنجاب جا 33 ضلعا، بلوچستان 33، سنڌ 41، گلگت بلتستان8، آزاد جمون ۽ ڪشمير جي 10 ضلعن ۽ خيبرپختونخواهه جي هڪ ضلعي ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع ڪئي ويندي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ورڪرز ڪورونا جي قائدن ۽ ضابطن تي عمل ڪندي مهم هلائيندا.7 ڏينهن واري پوليو مهم ۾ 2 لک 10 هزار فرنٽ لائن ورڪرز گهر گهر وڃي پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ حصو وٺند.ا بلوچستان ۾ مهم دوران 25 لک جي ويجهو ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔