سام سنگ جو چيئرمين لي ڪُن هي لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن: اسمارٽ فونز ۽ اليڪٽرونڪس سامان ٺاهيندڙ ناليواري ڪورين ڪمپني سام سنگ جو چيئرمين لي ڪُن هي 78 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
برطانوي ميڊيا موجب لي ڪُن هي جي خاندان طرفان هن جي موت جا سبب ناهن ٻڌايا ويا پر اطلاع آهن ته هو دل جو مريض هو ۽ 2014 ۾ کيسي دل جو دورو به پيو هو.
1942ع ۾ ڄاول لي سام سنگ ڪمپني جي باني پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ 1987ع ۾ ڪمپني جي قيادت سنڀالي.
فوربن ميگزين موجب لي ڪُن هي 2009ع کان پوءِ ڪوريا جو امير ترين شخص هو ۽ هن جي دولت اندازن 20 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔