فاشسٽ حڪومت سان وڙهي رهي آهيان، جيل موڪلڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن: ڪنگنا رناوت

ممبئي : بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت الزام هنيو آهي ته مودي سرڪار کيس جيل موڪلڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي.
بالي ووڊ ۾ پنهنجا نوازي جي خلاف آواز اٿاريندڙ اداڪارا ڪنگنا رناوت عامر خان جي هڪ بيان تي سخت تنقيد ڪئي جنهن ۾ هو چئي ٿو ته ملڪ ۾ وڌندڙ عدم برداشت کيس ڊيڄاري ڇڏيو آهي ايتري تائين جو سندس گھرواري به کيس ملڪ ڇڏڻ جو مشهورو ڏيندي رهندي آهي ڇو جو هن کي هر وقت ٻارن جي جان جو خطرو هوندو آهي.
ڪنگا رناوت عامر خان جي ان بيان تي هن جي گھرواري تي تنقيد ڪندي چيو ته ميڻ بتي سان گڏ احتجاج ڪندڙ گينگ ڏسي ته فاشسٽ ماڻهن جي خلاف آواز اٿاريندڙن سان ڇا ٿيندو آهي پر آئون ماڻهن جيان ميڻ بتي هٿ ۾ کڻي احتجاج ڪندڙ نه آهيان، مون کي ڏسو آئون مهاراشٽرا جي فاشسٽ حڪومت سان وڙهي رهي آهيان.
هن چيو ته جيئن سوارڪا کي ظالم حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ تي جيل موڪليو ويو اوهڙيءَ طرح مون کي به جيل موڪلڻ جو تياريون ڪيون پيون وڃن. آئون اهو چوڻ چاهيان ٿي ته ڪو عدم برداشت گينگ کان وڃي پڇي ته ان عدم برداشت جي ملڪ ۾ اڄ تائين هنن ڪيترا ظلم سٺا آهن؟
سندس چوڻ هو آئون اڄ واضح طور تي بڌائڻ چاهيان ٿي ته مودي سرڪار مون کي جيل موڪلڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ اها ڳالهه مون کي وڌيڪ پراعتماد بڻائي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔