ڪشمير مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي نامڪمل ايجنڊا آهي .

وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي قيام جي 75 هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته گڏيل قومن کي ڪورونا سبب ڪيترن ئي چيلنجن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو جڏهن ته ڪيترين ئي رياستن جي آزادي جي حمايت ۽ انساني حقن لاءِ پاڪستان کي پنهنجي ڪردار تي فخر آهي .

هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خود اراديت لاءِ جدوجهد ڪندڙن جي حمايت جاري رکندو ۽ عالمي تڪرارن جي نبيري لاءِ پاڪستان گڏيل قومن سان گڏجي ڪوششون جاري رکندو.

عمران خان چيو ته ڪشمير مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي مڪمل ايجنڊا آهي ۽ 5 آگسٽ جي ڀارتي غيرقانوني قبضي کانپوءِ ڪشمير ۾ صورتحال بدتر ٿيندي پئي وڃي .

هن چيو ته والاريل ڪشمير جو عوام خود اراديت جي حق لاءِ گڏيل قومن طرف ڏسي رهيا آهن ،جڏهن ته عالمي قانونن ۽ معاهدن کي نظر انداز ڪري واپاري رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون .

وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔