وفاقي سرڪار طرفان آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس پيش نه ڪرڻ خلاف سينيٽ ۾ احتجاج، اپوزيشن ميمبرزجو واڪ آئوٽ

اسلام آباد: وفاقي سرڪار طرفان ڳجهه ڳوهه ۾ جاري ٿيل آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس پيش نه ڪرڻ خلاف سينيٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو ، اپوزيشن ميمبرز واڪ آئوٽ ڪري ويا، سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته سومر تي آرڊيننس کي پيش نه ڪيو ويو ته معاملو استحقاق ڪميٽي حوالي ڪيو ويندو، وفاقي سرڪار آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس کي ڳجهو رکيو، سنڌ ۽ بلوچستان حڪومت کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، آرڊيننس خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ بعد عدالت اُن تي ڪم ڪري رهي آهي، رڳو پارليامينٽ کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، واڪ آئوٽ کان اڳ اجلاس کي خطاب دوران رضا رباني چيو ته ميري ٽائيم وزارت کي آرڊيننس پيش ڪرڻ لاءِ خط لکيا، لڳي ٿو رد ٿيڻ جي خوف کان سينيٽ ۾ آرڊيننس پيش نٿو ڪيو وڃي، اسان کي پنهنجي ڏاڙهي ٻئي جي هٿ ۾ ڏيڻ جو ڪوبه شوق نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔