عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ 40 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: عالمي بينڪ طرفان جاري اعلان موجب ان قرض سان هلندڙ پروگرام پبلڪ سيڪٽر جي مالي معاملن ۾ بهتري آڻيندو، جڏهن ته پروگران تحت وفاق ۽ پنجاب ۾ پبلڪ فنانس مينيجمينٽ سسٽم کي مضبوط ڪيو ويندو.

ورلڊ بينڪ موجب ان پروگرام سان ٽيڪس اوڳاڙي ۾ آساني ٿيندي جڏهن ته پروگرام ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار کي رجسٽرڊ ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو.

ان کان علاوه بينڪ موجب ڪاروباري ماڻهن لاءِ رجسٽرڊ ٿيڻ جو عمل آسان ٿيندو جڏهن ته ادائيگين، ريفنڊز جي وصولي ۽ ٽيڪس عملدارن خلاف اپيل جو سسٽم بهتر ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔