ڪراچي جي ناگن چورنگي فلاءِ اوور هيٺان بيٺل گاڏين کي باهه ، 5 گاڏيون مڪمل طور سڙي ويون

ڪراچي : ڪراچي جي ناگن چورنگي فلاءِ اوور هيٺان بيٺل گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي، 5 گاڏيون مڪمل طور سڙي ويون، فائر برگيڊ عملي هنگامي طور ڪارروائي ڪندي باهه کي ڪنٽرول ڪري ورتو، فائر برگيڊ عملي جو چوڻ آهي ته فلاءِ اوور هيٺان بيٺل هڪ گاڏي کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي ڀرپاسي جي گاڏين کي پنهنجي وڪڙ ۾ آندو، باهه تي وقت سر ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان کان بچايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔