وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو: وڏو وزير مراد علي شاهه

سکر : وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت بدران ٻين سان صلاح مشورا ڪري ڳجهه ڳوهه ۾ آرڊيننس جاري ڪيو، هاڻي وري سينيٽ ۾ پيش نٿو ڪيو وڃي، پ پ حڪومت واضح ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ٻيٽ جي هڪ انچ تي به قبضو ٿيڻ نه ڏنو ويندو، وفاقي سرڪار سنڌ جي ٻيتن تي قبضي جي ڪوشش ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، سکر بار ائسوسيئيسن جي وڪيلن کي خطاب دوران وڏي وزير چيو ته جمهوريت جا حامي سياستدان نيب قانون جي حمايت نٿا ڪن، آصف زرداري سوڌو اپوزيشن جي ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، وفاقي وزيرن کي ڇو نٿو گرفتار ڪيو وڃي، جيڪو به آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو، اُن خلاف بيهي رهنداسين، ملڪ ۾ آئين جي بالادستي لاءِ وڪيلن جو اهم ڪردار رهيو آهي، موجوده صورتحال ۾ به وڪيلن جي تمام گهڻي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔