سنڌ جي 10 هزار ليڪچررز کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جي 10 هزار ليڪچررز کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، عدالت سنڌ حڪومت تي ڪاڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته 9 سالن کان مسئلو هلي رهيو آهي آخر حل ڇو نه پيو ڪيو وڃي، چئن هفتن اندر سمري تي عمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، سيڪريٽري ڪيلجز پيش ٿي عدالت کي حڪم تي عمل ڪرڻ جا خاطري ڪرائي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 10 هزار ليڪچررز کي تائيم اسڪيل ڏيڻ واري حڪم تي عمل نه ٿيڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي . عدالت ليڪچررز کي ٽائيم اسڪيل نه ڏيڻ تي سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. سيڪريٽري ڪاليجز عدالت ۾ پيش ٿي، مهلت طلب ڪئي،عدالت چئن هفتن اندر ليڪچررز کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس محمد علي مظهر سيڪريٽري ڪاليجز کي حڪم ڏنو ته سمري تي عمل ڪري چئن هفتن اندر رپورٽ ڪئي وڃي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ۾ چيو ته سمري به وڏي وزير ڏانهن اماڻي وئي آهي ته پوءِ صحيح ڪرڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي ڇا سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته استاد ائين عدالتن جا چڪر ڪاٽيندا رهن؟ سيڪريٽري ڪاليجز ليڪچررز کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ واري عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ خاطري ڪرائي …….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔