وفاقي سرڪار نيٺ سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ جي مالڪي تسليم ڪري ورتي

ڪراچي : وفاقي سرڪار نيٺ سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ جي مالڪي تسليم ڪري ورتي ، اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو تسليم ڪندي چيو آهي ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ٻيٽ سنڌ جي عوام جي مليڪت آهن ۽ رهندا، ٻيٽن تي ترقياتي ڪم ڪير به ڪري پر رهندا ته سنڌ جا ئي ، آرڊيننس آخري فيصلو ناهي ان ۾ ترميم به ٿي سگهي ٿي، معاملو عدالتن ۾ حل نه ٿيندو وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻو پوندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي مالڪي لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس خلاف قانوندان شهاب اوستو، سماجي اڳواڻ جبران ناصر ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي هلائي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي پنهنجي مالڪي لاءِ آرڊيننس جاري ڪري سنڌ جي عوام جي حقن جي لتاڙ ڪئي آهي. درخواستگذارن چيو ته ٻيٽ هزارين مهاڻن جي پيٽ گذر جو ذريعو آهن پر هاڻي ڪنهن کي به ٻيٽن تي وڃڻ نه پيو ڏنو وڃي. درخواستگذار جبران ناصر جو موقف هيو ته ٻيٽن تي تعيمراتي ڪم سان تِمَر جا ٻيلا تباهه ٿيندا، جنهن سان ماحول تي پڻ ناهڪاري اثر پوندا. اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل دليل ڏيندي چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن پر وفاق پنهنجي مالڪي لاءِ صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي به آرڊيننس خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو آهي. اٽارني جنرل خالد جاويد ٻيٽن تي سنڌ جي مالڪي تسليم ڪندي چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ رهندا، ٻيٽن تي ترقياتي ڪم ڪير به ڪري پر رهندا ته سنڌ جا ئي. اٽارني جنرل چيو ته ٻيٽن بابت جاري ڪيل آرڊيننس آخري فيصلو ناهي ان ۾ ترميم به ٿي سگهي ٿي. اٽارني جنرل عدالت کي خاطري ڪرائي ته ٻيٽن تي سنڌ حڪومت جي مشاورت کانسواءِ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيندو ، وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت معاملي کي ڳالهين ذريعي حل ڪري، باقي معاملو عدالتن ۾ ته حل نه ٿيندو. عدالت ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي تياري ڪرڻ اچڻ جي هديت ڪندي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي …

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔