ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 13 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 13 مريض حياتيون وڃائي ويٺا،جنهن بعد فوتين جو انگ 6 هزار 715 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جا 736نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ ڪرونا وائرس کان متاثر مريضن جو انگ 3 لک 26 هزار 216 ٿي ويو. رپورٽس مطابق هيل تائين 3 لک 9 هزار 646 ڪرونا جا مريض صحتياب ٿي چڪا آهن،جڏهن ته ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ 9 هزار 855 تائين پهتل آهي. ڪرونا سبب پنجاب ۾ 2 هزار 329، سنڌ ۾ 2 هزار 591، ڪي پي ۾ هڪ هزار 267،اسلام آباد ۾ 205، بلوچستان ۾ 148،گلگت ۾ 90 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 85 حياتيون وڃائي ويٺا آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔