وفاقي سرڪارڪراچي ۾ رٽائرڊ صفدرجي گرفتاري ۽ آءِ جي سنڌ کي مبينا طور کنڀڻ واري واقعي کان لاتعلقي ظاهرڪري ڇڏي

اسلام آباد ؛ وفاقي سرڪار ڪراچي ۾ رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري ۽ آءِ جي سنڌ کي مبينا طور کنڀڻ واري واقعي کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ ظاهر ٿي ويو ته پوليس صفدر کي گرفتار ڪيو، ڪراچي پوليس سنڌ حڪومت جي ماتحت آهي، پ پ حڪومت صفدر کي گرفتار ڪرايو، جواب اُن کي ئي ڏيڻو پوندو، وفاقي حڪومت جو واقعي سان ڪوبه واسطو نه آهي ۽ صفدر کي اسان گرفتار نه ڪرايو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شبلي فراز چيو ته نواز شريف جي لنڊن مان ڏيهه واپسي لاءِ سياسي ذريعا به استعمال ڪيا پيا وڃن، نواز شريف کي 15 جنوري تائين ڏيهه واپس گهرائڻ بعد جيل اُماڻيو ويندو، عمران خان کيس نه ڇڏيندو، شريف خاندان جي سياست ختم ٿي چڪي، هاڻي مسلم ليگ ڌڙن جو شڪار ٿي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔