وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ ۽ اپوزيشن کي جارحاڻي انداز ۾ جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد : وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ ۽ اپوزيشن کي جارحاڻي انداز ۾ جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي ترجمانن جَي اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ جلسا، مظاهرا ۽ ريليز ڪڍِي سنڌ حڪومت جِي ڪرپشن وائکي ڪئي ويندي، وزيراعظم پارٽي قيادت سان گڏ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيا، گورنر سنڌ عمران اسماعيل کي به اهم ذميواري ڏني وئي، ذريعن موجب اجلاس دوران پي ٽي آءِ سنڌ جِي قيادت سميت وفاقي وزيرن کي سنڌ جَي ميدان تي لاهڻ جو به فيصلو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي وزير هر هفتي سنڌ جو دورو ڪري مظاهرن ۾ شرڪت ڪن، هر هفتي 2 کان ٽي وفاقي وزير سنڌ جو دورو ڪندا، سڀ کان پهريان وفاقي وزير اسد عمر ۽ عمر ايوب ايندڙ هفتي سنڌ جو دورو ڪندا، اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اپوزيشن سول ملٽري لاڳاپا خراب ڪرڻ جِي ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي وئي، فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن، ٻيٽن بابت پروپيگينڊا گمراهه ڪندڙ آهي، جواب ڏنو وڃي، ٻيٽن تي فشريز پلانٽ لڳڻ سان مهاڻن کي فائدو ٿيندو………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔