حڪومت سرڪاري پئسي کي ذاتي سمجهي ورهايو، ان ڪري مالي حالتون خراب ٿيون: چيف جسٽس آف پاڪستان

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته حڪمرانن سرڪاري پيسي کي ذاتي سمجهي ورهايو ۽ پاڪستان جي حڪومت جون مالي حالتون ان ڪري خراب ٿيون آهن .

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بينظير اسٽاڪ ايمپلائيز اسڪيم تحت ملازمن کي شيئرز ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل سهيل محمود دليل ڏيندي چيو آهي ته سال 2009 ۾ حڪومت سرڪاري ڪمپنيز کي 12 سيڪڙو شيئرز ملازمن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، سال 2013 ۾ حڪومت تبديل ٿي ته ملازمن کي منافعي جي ادائگي روڪي وئي ۽ موجوده حڪومت اسڪيم کي ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 2013 کان 2019 تائين جي ادائگي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ايڊيشنل اٽارني جنرل جي دليلن تي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان جي حڪومت جون مالي حالتون ان ڪري خراب آهن جو حڪمرانن سرڪاري پيسي کي ذاتي سمجهي ورهايو .

جسٽس گلزاراحمد چيو ته اهي پيسا اليڪشن اسسٽنٽ جي ڪري ورهايا ويا آهن ، حڪومت جو سمورو پيسو سرڪار جو هوندو آهي ، حڪمرانن جو ذاتي نه ، اهو به ٿيو ته 15 سالن جون پگهارون ۽ مراعتون به ڏنيون ويون ، حڪومت جو پيسو اڇلڻ لاءِ نه هوندو آهي .

بعد ۾ عدالت 2013 کان 2019 تائين جا فنڊز جاري ڪرڻ جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔