شهباز شريف جي جسماني ريمانڊ رد ڪرڻ بابت لکت ۾ فيصلو جاري

لاهور : لاهور جي احتساب عدالت شهباز شريف جي فيملي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف جي جسماني ريمانڊ جي درخواست رد ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت جي جج جواد الحسن چئن صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو. عدالت لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته شهباز شريف جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جو ڪوبه جواز نه آهي. لکت ۾ فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جاچ مطابق شهباز شريف فليٽس جون قسطون ادا ڪرڻ جا ذريعا نه ٻڌايا، شهباز شريف ڪاروبار جا دستاويز به فراهم نه ڪري سگهيو آهي. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف تي جيڪي الزام مڙهيا ويا آهن،ان بابت ريفرنس به داخل ٿي چڪو آهي، ٻين جوابدارن کي ريفرنس جون ڪاپيون به فراهم ٿي چڪيون آهن. فيصلي ۾ هي به چيو ويو آهي ته مني لانڊرنگ ريفرنس جو ٽرائل شروع ٿي چڪو آهي،شهباز شريف کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو وڃي ٿو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔