ڀارتي ميڊيا جي ڪُڌي پروپينگڊا پڪڙجي پئي

اسلام آباد: انتها پسند ڀارتي مودي سرڪارجي آله ڪار ڀارتي ميڊيا جي ڪُڌي پروپينگڊا پڪڙجي پئي ، ڪراچي ۾ عمارت ۾ ٿيل گيس ڌماڪي جي خبرن کي ادارن وچ ۾ وڏي ويڙهه قرار ڏنو ته سوشل ميڊيا تي صارفن آئيني ڏيکاري ڇڏيو .

ڀارتي ميڊيا ڪوڙ ۽ ناڪاري پروپيگنڊه ۾ پنهنجي ئي حڪومت کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو . پاڪستان مخالف بي بنياد ، جعلي ۽ منفي خبرن کي پر لڳائي ڇڏيا . اهڙا ڪوڙ ۽ ڪهاڻيون گهڙيون جو سوشل ميڊيا صارفين جي آپريشن کانپوءِ ڀارتي ميڊيا جي اصليت سڄي دنيا جي سامهون اچي وئي .

سوشل ميڊيا صارفين ڀارتي ميڊيا جي اهڙي طبيعت صاف ڪئي جو اها پنهنجو منهن لڪائيندي رهي ، ڀارتي ميڊيا تي سڄو جڳ کلڻ کانپوءِ سڄي جڳ ۾ هو خوار به ٿي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔