سنڌ سرڪار جو ٻيٽن تي شهر اڏڻ بابت گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار

ڪراچي : سنڌ سرڪار ٻيٽن تي شهر اڏڻ بابت گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، صوبائي حڪومت جي ترجمان مرتصيٰ وهاب چيو آهي ته گورنر جو ڪم ڳالهيون ڪرڻ نه آهي، گورنر کي ڳالهين جي هدايت ڪرڻ به غيرآئيني عمل آهي، آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس واپس وٺڻ بعد سنڌ سرڪار وفاق سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿي، حڪومت ۽ صوبي جي عوام جي احتجاج باوجود غيرآئيني آرڊيننس اڃا تائين واپس نه ورتو ويو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته موجوده حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران رڳو آئين تي راتاهو هڻڻ ۾ رُڌل آهي، ڪراچي ۾ سڀاڻي رٿيل جلسي جي ايجنڊا موجوده حڪمرانن مان جان ڇڏائڻ ۽ جمهوريت جي بقا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔