هاڻ چورن ۽ ڌاڙيلن کي ڪنهن قسم جا پروڊڪشن آرڊر نه ملندا: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان ٽائيگر فورس جي تقريب کي خطاب ۾ مخالف ڌر کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هاڻ مختلف قسم جو عمران خان اچڻ وارو آهي، چورن ۽ ڌاڙيلن کي ڪنهن قسم جا پروڊڪشن آرڊر نه ملندا.

وزير اعظم عمران خان پنهنجي ٽائيگر فورس کي ڀليڪار چوندي چيو ته گذريل رات جيڪو سرڪس ٿيو ان تي ڳالهائيندس.

هن چيو ته ان سرڪر ۾ وڏا فنڪار هئا پر توهان جي سُئي ڊيزل تي ڇو اَٽڪي پئي آهي.

ڪڻڪ جي گهٽتائي ۽ مهانگائي تي وزير اعظم چيو ته ٻن سال ملڪ ۾ ڪڻڪ جي گهٽ پيداوار ٿي جنهن جي ڪري غلط ٽائم تي مينهن وسيا، ان وقت مينهن وسيا جڏهن ڪڻڪ جي جي لڻڻ جو وقت هو، اسان کي د27 لک ٽن ڪڻڪ گهربي پئي، مينهن جي ڪري خسارو ٿيو.

هن چيو ته جڏهن ڪڻڪ گهٽ ٿي ته اگهه مٿي وڃڻ شروع ٿيا، اسان کي دير سان خبر پئي جيستائين ٻاهران ڪڻڪ درآمد ڪئي ته ملڪ ۾ ذخيرا اندوزي شروع ٿي وئي.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته مهانگائي جا ڪيترائي سبب آهن، اسان جو رپيو ڪِريو، اسان کي حڪومت ملي ته تاريخ جو وڏو 40 ارب ڊالر جو خسارو هو، جڏهن اِهو خسارو ٿيندو آهي ته ڊالر جي گهٽتائي ٿيندي آهي، رپئي جو قدر گهٽجي ويو هو، جڏهن اِهو خسارو ٿيندو آهي ته ڊالرجي گهٽتائي ٿيندي آهي، رپئي جو قدر گهٽجي ويندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪي شيون ٻاهريون وٺبيون آهن اُهي مهانگيون ٿي وينديون آهن، اسان داليون ٻاهران گهرائيندا آهيون اُهي مهانگيون ٿيون.

سندس چوڻ هو ته ٿورڙا ماڻهو کنڊ ٺاهيندا آهن پر اُهي طاقتور آهن، ٻنهي خاندانن نواز شريف ۽ زرداري جون ملز آهن، انهن جي من ماني هوندي هئي پر هاڻ پهريون ڀيرو جيڪو اسان پلان کڻي اچي رهيا آهيون، ان کان اڳتي اهڙي مهانگي کنڊ نه ملندي.

وزير اعظم عمران خان ٽائيگر فورس کي هدايت ڪئي ته ڪٿي پاڻ وڃي مداخلت ناهي ڪرڻي، موبائيل فون جي ذريعي تصوير ڪڍي پورٽل تي وجهڻي آهي پوءِ انتظاميا جو ڪم ايڪشن وٺڻ آهي، دڪانن تي اگهن جي فهرست نه لڳل هجي ته ان جي به تصوير ڪڍڻي آهي.

وزير اعظم عمران خان مخالف ڌر تي تنقيد کان اڳ نعري بازي ڪرڻ تي ٽائيگر فورس کي هدايت ڪئي ته خاموش ٿي وڃو جڏهن خاموش نه ٿيا ته انجوائي ڪيئن ڪندا.

ان دوران وزير اعظم اسڪرين تي نواز شريف جي تصوير ڏيکاري دعويٰ ڪئي ته نواز شريف لنڊڻ وڃڻ جي لاءِ ڊرامي بازي ڪئي.

وزير اعظم مريم ۽ بلاول کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته مون اڳڪٿي ڪئي هئي ته جڏهن چورن جي ۾ هٿ پوندا ته سڀ گڏ ٿي ويندا، گذريل ڏينهن ٻن ٻارن تقريرون ڪيون، انهن تي ڳالهائڻ نٿو چاهيان، انهن مان هڪ ناني ٿي وئي آهي پر هو منهنجي لاءِ ٻارڙي ئي آهي.

سندس چوڻ هو ته جيڪو انسان جدوجهد ناهي ڪندو اُهو ليڊر ئي نٿو بڻجي سگهي ۽ هن هڪ ڪلاڪ به حلال جو ڪم نه ڪيو ۽ هو ليڪچر ڏئي رهيو آهي جيڪو پنهنجي پيءُ جي حرام جي ڪمائي تي پلجندو رهيو آهي.

نواز شريف جي حوالي سان عمران خان چيو ته فوجين تي مسلسل حملا ٿي رهيا آهن ۽ هر روز فوجي سر پيا قربان ڪن، گذريل ڏينهن 20 شهيد ٿيا ۽ هي اسان جي لاءِ ۽ ملڪ جي لاءِ قربانيون پيا ڏين پر اِهي گدڙ جيڪي ڀڄي ويو اُهي اُتي ويهي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي خلاف زبان استعمال ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته نواز شريف اڄ فوج ۽ ان جي سربراهه تي تنقيد ڪري رهيو آهي، پاڻ هي جنرل جيلاني جي گهر تي سَريو هڻي وزير بڻيو، هي ضياءُ الحق جا بوٽ پالش ڪندي ڪندي وڏو وزير بڻيو هو، جنرل درامي سان مهراڻ بينڪ جي ذريعي ڪروڙين رپيا ورتا هئا، ملڪ جي بدقسمتي آهي جو عدالتن هن جي مدد ڪئي.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته هي چوري جو پيسو بچائڻ لاءِ ملڪ کي وڪڻي سگهن ٿا، انهن جو پتو صاف ٿي رهيو آهي، هنن جيڪو ملڪ سان ڪيو اُهو مير جعفر ۽ مير صادق ڪيو هو، هي حملو جنرل باجوه تي نه پر پاڪستاني فوج تي حملو آهي، اِها ئي ڳالهه نريندر مودي ڪئي هئي.

مخالف ڌر جو مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته هاڻ مخالف ڌر مختلف عمران خان ڏسندي، هاڻ ڪنهن چوري ڌاڙيل کي پروڊڪشن آرڊر نه ملندا، ڪالهه واري تقرير ٻڌي نئون عمران خان بڻجي ويو آهي، هاڻ انهن کي ڪو به وي آءِ پي جيل نه ملندو پر عام جيل ملندو، هاڻ مقابلو ڪري ڏيکاريندس.

عدليه ۽ قومي احتساب بيورو کي مخاطب ڪندي عمران خان چيو ته عدليه ۽ نيب کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته ماڻهو تنگ اچي ويا آهن ۽ انصاف چاهن ٿا، قوم انتظار پئي ڪري ته ڪيس ڪڏهن عدالت ۾ مڪمل ٿيندا، حڪومت هر طرح جي مدد لاءِ تيار آهي، انهن جي ڪيسن جي روز ٻڌڻي معاملا ختم ڪيو.

نيب جي حوالي سان وزير اعظم وڌيڪ چيو ته نيب صحيح ڪم ڪيو آهي پر ڻيب آزادي آهي، ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائي، منهنجي ماتحت جيڪي ادارا آهن، انهن کي تيار ڪندس، انهن چورن کي هاڻ پڪڙينداسين.

تقرير جي آخر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي وزير اعظم جو چوڻ هو ته هي ماڻهو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته فوج ۽ عدليه ۾ ڏڦيڙ پکڙجي، نواز شريف جيڪا راند کيڏي رهيو آهي، ان جي خبر آهي، جنرل باجوه ڏکئي وقت ۾ حڪومت جي مدد ڪئي، مينهن ۽ ڪورونا جي دوران حڪومت جي مدد ڪئي، سڄي پرڏيهي پاليسي ۾ فوج ۽ جنرل باجوه اسان سان گڏ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔