سڄي دنيا ۾ اڄ غربت جي خاتمي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

ڪراچي : پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ غربت جي خاتمي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جومقصد سڄي دنيا مان غربت جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ آهي .

17 آڪٽوبر سڄي دنيا ۾ غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي ، ان ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا خاص ڪري پوئتي پيل ملڪن ۾ غربت جي خاتمي لاءِ عالمي برادري ۾ احساس پيدا ڪرڻ آهي .

ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ ( اي ڊي پي ) جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ ساڍي پنج ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن جيڪو ڪل آباد جو 29 ڏهائي پنج سيڪڙو آهي .

آبادي جو اهو حصو نه رڳو تعليم ۽ صحت جهڙي بنيادي سهولتن کان محروم آهي پر ان کي ٻن وقتن جي ماني حاصل ڪرڻ ۾ به تمام گهڻيون پريشانيون ڏسڻيون پون ٿيون .

گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن ۾ پهريون هدف غربت جو خاتمو آهي ، پاڪستان به انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ  جو پابند آهي جنهن جي ڊيڊ لائن 2030 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔