جناح اسٽيڊيم کي عوام سان ڀري ڏيکاريو: شبلي فراز پاران اپوزيشن کي چيلنج

اسلام آباد: طلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز اپوزيشن کي چيلنج ڪيو آهي ته گوجرانوالا ۾ جناح اسٽيڊيم کي ڀري ڏيکاريو. هن چيو ته حڪومت پي ڊي ايم کي جناح اسٽيڊيم گوجرانوالا ۾ جلسي جي اجازت ڏني آهي.

هن چيو ته احتجاج ڪنهن به سياسي پارٽي جو جمهوري حق آهي پر روڊ يا ماڻهن جي گذرڻ واري جڳهه تي جلسي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پي ڊي ايم جي جي قيادت کي چيو ويو آهي ته هو جلسي جي دوران ايس او پيز تي عمل يقيني بنائين. گوجرانوالا جي ضلعي انظاميه کان اجازت ملڻ تي پي ڊي ايم جناح اسٽيڊيم ۾ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جناح اسٽيڊيم 6 ايڪڙن تي ٻڌل آهي ۽ ان ۾ 35 هزار ماڻهن جي گنجائش آهي.

اسٽيڊيم ۾ لائٽون ۽ سائونڊ سسٽم لڳايا پيا وڃن. ٻئي طرف گوجرانوالا ۾ بنا اجازت جي ڪارنر ميٽنگ ۽ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 7 ڪيس  به داخل ڪيا ويا آهن. ڪيسن ۾ ٽينٽ سروس ۽ سائونڊ سسٽم لڳائيندڙن سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهو نامزد آهن.  ڪيس ضلعي جي مختلف ٿاڻن ۾ داخل ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔