ٽڪ ٽاڪ تي پابندي خلاف درخواست تي پي ٽي اَي کي نوٽيس جاري

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ موبائل ايپ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي خلاف درخواست تي پي ٽي اَي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب سڀاڻي تائين گهري ورتو،عدالت پي ٽي اَي جي سينئر آفيسر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ورتو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي پڇيو ته ڇا ٽڪ ٽاڪ تي سيڪيورٽي پس منظر ۾ ته پابندي لاڳو نه ڪئي وئي؟،ائين ته پورو انٽرنيٽ بند ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس چيو ته هي ته ممڪن ناهي ته موٽر وي تي ڪرائم ٿي ويو ته موٽر وي ئي بند ڪيو وڃي. چيف جسٽس پڇيو ته هي ڪير فيصلو ڪري ٿو ته انٽرنيٽ تي مواد اخلاقي يا غير اخلاقي آهي؟… پابندي خلاف درخواست ۾ ڪابينا ڊويزن جي سيڪريٽري، انفارميشن ٽيڪنالوجي جي سيڪريٽري ۽ پي ٽي اَي جي چيئرمين کي ڌر بڻايو ويو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي اَي وفاقي حڪومت يا ڪابينا جي منظوري کانسواءِ فيصلو ڪيو، جيڪو پيڪا ايڪٽ جي سيڪشن 37 جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست گذار ڄاڻايو ته پي ٽي اَي 9 آڪٽوبر تي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته پي ٽي اَي کي ٽاڪ ٽاڪ تي پابندي ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔